دعا آهي ته مون جهڙي حالت ٻئي ڪنهن سان نه ٿئي: عمر اڪمل

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته مان جنهن وقت مان گذريو آهيان، منهنجي دعا آهي ته اهو وقت ڪنهن تي نه اچي.لاهور ۾ عمر اڪمل افطار کانپوءِ مقامي اڪيڊمي ۾ ڪلاڪن تائين ٽريننگ ڪري ٿو.ان موقعي تي ڳالهائيندي عمر اڪمل چيو ته جڏهن مون تي سٺو وقت نه هو تڏهن منهنجي فيملي مون کي ڪِرڻ نه ڏنو ۽ اهو ئي سبب هو جو مان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپس آيس، پي ايس ايل فرنچائيز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز مون تي اعتماد ڪيو، جنهن سان حوصلو وڌيو ۽ مان پي ايس ايل 7 ۾ سٺو پرفارم ڪيو.عمر اڪمل جو چوڻ هو ته منهنجو ڪم محنت ڪرڻ آهي، جيڪو مان جاري رکندس ته پرفارم ڪري سگهندس، مون کي جتي به موقعو مليو آهي مان سئو سيڪڙو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هن چيو ته قومي ٽيم لاءِ چونڊڻ سليڪٽرز، ڪوچز ۽ ڪپتان جو ڪم آهي، جيڪو منهنجو ڪم آهي اهو جاري رکندس، هاڻي منهنجو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي، مون کي پنهنجي فٽنيس وڌيڪ بهتر ڪرڻي آهي ته جيئن مان سٺي انداز ۾ قومي ٽيم ۾ ڪم بيڪ ڪري سگهان.هن چيو ته ڪراچي ۾ رمضان ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺڻو آهي، ان کانپوءِ ليگز کيڏڻ چاهيان ٿو، اميد آهي ته ليگز ۾ ايڪشن ڏيکاريندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *