درگاهه جي گاديي نشين 4 عورتن سَميت 20 مريدن کي قتل ڪري ڇڏيو، گرفتار

سرگوڌا  (اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ)سرگوڌا ۾ هيانءَ ڦاڙيندڙ واقعو پيش آيو آهي، روحانيت جي لاءِ ايندڙ دهشتگ جي وَر چڙهي ويا، درگاهه جي گادي نشين پنهنجي ساٿين سان گڏجي 4 عورت سميت 20 ڄڻن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ کين قتل ڪري ڇڏيو، پوليس درگاهه جي گادي نشين عبدالوحيد سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سرگوڌا واقعي جهالت جي دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي، واقعو سرگوڌا جي ڳوٺاڻي علائقي 95 اتر ۾ قائم درٻار ۾ پيش آيو جتي علي محمد گجر جي گادي نشين عبدالوحيد پنهنجي ساٿين سان گڏ درگاهه تي موجود 6 عورت سميت 22 ٺڄڻن کي نشو کارائي بيهوش ڪيو پوءِ مٿن ڏنڊن ۽ خنجرن جا وار ڪيا جنهن جي تصديق سرگوڌا جي ڊپٽي ڪمشنر لياقت چٺا به ڪئي آهي، تشدد کان پوءِ درگاهه مان 2 عورتن سيمت 3 ماڻهو زخمي حالت ۾ ڀڄي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهتا، زخمن سان چور عورت پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جو داستان بيان ڪيو، ڊاڪٽرن زخمين جي حالت بابت ٻڌايو ته سندن ڄنگھن ۽ چيلهه تي تشدد ۽ خنجرن جي وار جا نشان موجود هئا، سڀني ماڻهن تي تشدد نشي جي حالت ۾ ڪيو ويو هو، واقعي ۾ قتل ڪيل 17 ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، قتل ٿيندڙن مان ٻن جو تعلق اسلام آباد سان، هڪ جو ميانوالي سان، ٻن جو ڪاليه ۽ ڪيترائي مقامي ماڻهو شامل هئا، هڪ ئي خاندان جي ڇهه ماڻهو پڻ مري ويا آهن، ايس ايڇ او موجب جوابدار ماڻهن کي اگھاڙو ڪري تشدد ڪندا رهيا، متولي عبدالوحيد سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار عبدالوحيد اليڪشن ڪميشن جو ملازم به آهي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سرگوڌا واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. 16 لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي.سرگوڌا ۾ 20 مريدن کي موت جي ننڊ سمهاريندڙ جوابدار عبدالوحيد اعتراف ڪندي چيو آهي ته ان کي شڪ هو ته مقتول ماڻهو ان کي زهر ڏيڻ چاهين ٿا، ڊي سي سرگوڌا موجب جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته انهن سمورن ماڻهن کي پهريان نشي واريون شيون پياريون ۽ پوءِ دوستن سان گڏ ڏنڊن ۽ خنجرن جا وار ڪري انهن کي موت جي ور چاڙهي ويو، جوابدار ٻڌايو ته ان کي شڪ هو ته ان جي پير علي احمد گجر جيڪو 2 سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو ان کي زهر ڏنو ويو هو ۽ اهو به شڪ هو ته هاڻ ان کي به زهر ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي ان لاءِ مون کي پنهنجي پير جي قتل جو بدلو وٺڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ انهن سمورن ماڻهن کي موت جي ور چاڙهي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *