درازا سانحو: آصف زرداري 7 نومبر تي اهم اڳواڻن جو اجلاس گهرائي ورتو، راڄوڻي لاءِ ڪوششون به جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري درازا سانحي واري صورتحال تي غور ويچار لاءِ 7 نومبر تي پارٽي جي اهم اڳواڻن جو اجلاس دبئي ۾ طلب ڪري ورتو آهي. اڳوڻي صدر پاران ڇنڇر واري ڏينهن طلب ڪيل اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، فريال ٽالپر، شيري رحمان، مراد علي شاهه، سهيل انور سيال ۽ ٻيا شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ درازا واقعي واري صورتحال خاص طور تي پير پاڳاري پاران 7 نومبر تي ڪنگري هائوس ڪراچي تي حر جماعت جي خليفن، شهيدن جي وارثن ۽ معززن جي سڏايل اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويندا انهن فيصلن جي روشني ۾ غور ڪيو ويندو ۽ اڳتي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. ٻئي پاسي، پ پ جي ذميوار اڳواڻن نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته پ پ قيادت معاملي جو راڄوڻي طور تي حل ڪرڻ واري ڪوششن ۾ رُڌل آهي. ان ڏس ۾ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ خورشيد شاهه کي ٽاسڪ ڏنو ويندو.اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي يوسف رضا گيلاني ڪجهه ڏينهن اندر پير پاڳاري سان ملاقات ڪري معاملي جي حل لاءِ راهه هموار ڪندو. ٻئي دور ۾ خورشيد شاهه ۽ يوسف رضا گيلاني باضابطه طور تي ڳالهين واري عملي کي اڳتي وڌائيندا ته جئين معاملي جو ڳالهين ذريعي حل ڪڍيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *