دتاخيل ۾ گن شپ هيليڪاپٽرن جي ڪارروائي، 12 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م.ڊ) اتر وزيرستان ۾ فورسز جي گن شپ هيليڪاپٽرن جي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، خفيه ٺڪاڻا ۽ گاڏيون به تباهه ڪيون ويون، آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جو اتر وزيرستان جي علائقي دتاخيل ۾ آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي گن شپ هيليڪاپٽرز جي تازي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا دهشتگردن جا 4 ٺڪاڻا ۽ 7 گاڏيون به تباهه ڪيون ويون، ذريعن جو چوڻ آهي ته دتاخيل کان اڳتي پاڪ فوجي جي اڳڀرائي جاري آهي، سرچ ۽ ڪليئرنس لاءِ ڪارروائي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ملڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *