دبنگ خان کي“بجرنگي ڀائي جان” جو معاوضو نه مليو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي فلم “بجرنگي ڀائي جان” باڪس آفيس تي شاندار بزنس ڪيو،پر فلم ۾ پنهنجي اداڪاري سان ساهه وجهڻ واري سلو ميان کي اڃا تائين معاوضو نه مليو.ميڊيا رپورٽ مطابق بالي ووڊ اداڪار دبنگ خان جيڪو باڪس آفيس تي پنهنجي اداڪاري سان فلمن جي بزنس ۾ رڪارد واڌ آڻيندو آهي ان کي“بجرنگي ڀائي جان”جومعاوضو 6 ميهنا گذري وڃڻ کانپوءِ به ناهي ملي سگهيو.ياد رهي ته فلم“بجرنگي ڀائي جان”ڀارت سوڌو دنيا سڄي ۾ 600 ڪروڙ کان وڌيڪ شاندار بزنس ڪيو  هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *