دبئي ۾ پ پ جو اجلاس، آصف زرداري پاران ڪابينا جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي صوبائي ڪابينا جي ڪارڪردگي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نااهل وزيرن لاءِ ڪابه جڳهه ناهي، جيڪو ڪم ڪندو اُهو ئي وزير رهندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جو اهم اجلاس دبئي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه‏، ناڻي واري صوبائي وزير سيد

مراد علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب آصف زرداري اجلاس دوران پيپلزپارٽي سنڌ جي وزيرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اُهو ئي وزير رهندو جيڪو ڪم ڪندو، نااهل وزيرن لاءِ هاڻي سنڌ ڪابينا ۾ ڪابه جڳهه ناهي. آصف زرداري هدايت ڪئي ته سمورن ترقياتير ٿائن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وڏو وزير ماهوار بنيادن تي وزيرن جي ڪارڪردگي رپورٽ ڏيندو. اڳوڻي صدر سمورن وزيرن کي هدايت ڪئي ته اُهي ضلعي سطح تي کليل ڪچهريون لڳائين ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *