داڪاره ماهره خان جي فلم سپر اسٽار ۾ آئٽم نمبر پڪچرائيز ڪرائيندي

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره ڪبريٰ خان عالمي شهرت رکندڙ اداڪاره ماهره خان جي فلم سپر اسٽار ۾ آئٽم نمبر پڪچرائيز ڪرائيندي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 22

. فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ ماهره سان گڏ بلال اشرف به شامل هوندو. ميڊيا رپورٽ موجب ڪبريٰ خان کي فلم ميڪر مومنه دريد پنهنجي فلم جي آئٽم سانگ ۾ ڪاسٽ ڪيو آهي، فلم جي هدايتڪاري اختشام الدين ڪري رهيو آهي. هن فلم جي شوٽنگ خوبصورت لوڪيشنز تي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڪئي پئي وڃي. ڪبريٰ خان ڪجهه عرصو اڳ ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ جاندار اداڪاري ڪري ڀرپور نموني پنهنجون صلاحيتون مڃايون آهن. فلم “جواني ڦِر نهين آني 2” ۾ ڪبريٰ خان جي اداڪارين کي ڏسندڙن خوب پسند ڪيو، جنهن بعد اداڪاره جي شهرت ۾ اڃا به واڌ ٿي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *