داعش ۽ القاعدا افغان امن لاءِ خطرو آهن: پاڪستان

دوشنبي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته داعش ۽ القاعدا افغان امن لاءِ خطرو آهن، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. تاجڪستان جي تخت گاهه دوشنبي ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس سان خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ افغان عوام وٽ تاريخي موقعو آهي، افغان امن عمل مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، امن عمل متاثر ڪندڙن جي باري ۾ آگاهه ڪندا رهندا آهيون، افغانستان ۾ تشدد تي ڳڻتي آهي، قيمتي جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس وڏي اهميت رکي ٿي، پاڪستان افغانستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي چاهي ٿو، اسان لاءِ افغانستان اهم پاڙيسري ۽ ثقافتي حيثيت رکي ٿو، افغان امن عمل اهم موڙ تي آهي، پاڪستان افغان امن ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، داعش ۽ القاعدا افغان امن لاءِ خطرو آهي، پرامن ۽ مستحڪام افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان امن عمل سميت افغانستان سان هر قسم جي سهڪار ۾ اڳتي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *