داعش جي خلاف بين الاقوامي برادري سان گڏ آهيون: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان چيو آهي ته ان دهشتگردن خلاف واضح پاليسي جوڙي آهي ۽ دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن بنا ڪنهن متڀيد جي جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم خميس ڏينهن پنهنجي هفتيوار پريس بريفننگ ۾ چيو ته  دهشتگردن خلاف پاڪستان جو آپريشن  سڀني دهشتگردن خلاف آهي. امريڪا جي تازي ڊرون حملي جي مذمت ڪندي پرڏيهي ترجمان ان کي غير قانوني قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ اربع تي ٿيل ٿيل ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي ملڪ جي سلامتي ۽ خود مختياري جي خلاف ورزي قرار ڏئي ٿو.   هن چيو ته پاڪستان اهو پڻ يقين رکي ٿو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف فيصلائتي قدم کڻڻ بعد ڊرون حملن جي ڪا ضرورت ناهي تنهن ڪري اسان اهڙن حملن کي  بند ڪرڻ تي زور ڀريون ٿا. هڪ سوال  جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب نريندرا مودي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات جي تاريخ  اڃا مقرر ناهي ڪئي وئي. هڪ ٻي سوال جو جواب ڏيندي تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي سان چيني صدر جي پاڪستان جي دوري بابت رابطي ۾ آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف هن وقت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 69 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ  نيو يارڪ ۾ آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ  ڄمون ۽ ڪشمير جي اهم تڪرار سميت سمورن مسئلن کي ڳالهين وسيلي نبيرڻ  چاهي ٿو. هن واضح ڪيو ته ڀارت طرفان پرڏيهي سيڪريٽرين جي وچ ۾ رٿيل ڳالهيون پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي حريت اڳواڻن سان ٿيل ملاقات جي پس منظر  ۾ ملتوي ڪيون ويون آهن ، ڳالهيون اسان ملتوي نه ڪيون آهن ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جو دارومدار ڀارت تي آهي. افغانستان جي عهدو ڇڏيندڙ صدر حامد ڪرزئي طرفان پاڪستان خلاف هنيل الزامن  بابت هڪ سوال تي ترجمان چيو ته  پاڪستان ۽ افغانستان ساڳين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن  جن کي گڏيل ڳالهن وسيلي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *