دادو شهر ۾ هنياءُ ڏاريندڙ واقعو، ٻن سالن جي معصوم ٻارڙي وحشت جو شڪار، حالت انتهائي خراب، جوابدار گرفتار

دادو (م.ڊ) دادو شهر ۾ هنياءُ ڏاريندڙ واقعو، ٻن سالن جي معصوم ٻارڙي وحشت جو شڪار، پوليس متاثر ٻارڙي کي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرز طرفان ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار، پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار اياز پنهور کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي ۽ ڊي سي دادو به اسپتال پهچي ويا، متاثر ٻارڙي جي وارثن کي انصاف جي خاطري، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اياز پنهور نينگري کي هڪ جاءِ تي وٺي ويو ته پاڙي وارن کيس ڏسي ورتو، اطلاع تي پوليس پهتي پر جوابدار نينگر کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد لڪي ويو هو، جوابدار کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو، متاثر نينگري جي ميڊيڪل ٽيسٽ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، گرفتار جوابدارن کان پُڇاڳاڇا جاري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *