دادو: ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن درسگاهن کي به نه بخشو، فنڊ هڙپ، اسڪول زبون حالي جو شڪار

دادو (رپورٽ: اصغر ملاح) دادو ضلعي جي چئن تعلقن دادو، جوهي، مهيڙ ۽ خير پور ناٿن شاهه ۾ ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن درسگاهن کي به نه بخشو. راشي ۽ ڪرپٽ ڪامورا 10 سالن کان بلڊنگن جي مرمت لاءِ آيل لکين روپيا ڳڙڪائي ويا ، ڪامورن پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي رقم مبيه طور هضم ڪري ڇڏي، ڪامورن جي نااهلي سبب ضلعي جي سرڪاري اسڪولن جون بلڊنگون زيون حالي جو شڪار، ڪيترائي اسڪول خطرناڪ قرار ڏنل، اسڪولن جي ڇتن مان چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل، سڄاڳ ڌرين پاران وقت به وقت احتجاج ڪري دانهن ڪوڪن جو سلسلو به جاري آهي،   سڄاڻ ڌرين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان مقرر ايس ڊي اوز نثار ميمڻ، ٽينڊر ڪلارڪ منظور خاصخيلي، بااختيار ڪلارڪ غلام محمد کوسو ۽ ٻئي راشي عملي خلاف جائچ ڪرائي وڃي، رپورٽ موجب: ڪرپشن سبب دادو ضلعي جي اسڪولن جون بلڊنگون زيون حالي جو شڪار ٿي ويون اهن، آضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيترائي اسڪولن خطرناڪ قرار ڏنا ويا آهن، اسڪولن جي ڇتن مان ڇاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهي، زبون حالي جي ڪري ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهندڙ سوين ٻارڙن جون زندگيون خطري هيٺ آهن، ٻار پڌر تي ويهي پڙهڻ تي مجبور ٿي ويا، سرڪار اسڪولن جون بلڊنگون زيون حال هجڻ جي ڪري شهري ۽ ڳوٺاڻا پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائڻ بدران پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارڙن جي انگ ۾ رڪارڊ لاٿ اچي وئي آهي، سڄاڳ ڌرين شهرين وقت به وقت دانهيو آهي ته خبر نه آهي اسان جي اسڪول جي مرمت لاءِ آيل لکين روپيا به خبر ناهي ڪاڏي ويا اسڪولن جي مرمت تي هڪ روپئي جو ڪم به ناهي ٿيو دادو ضلعي جي شهرن ڳوٺن وارن علائقن ۾ قائم گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول پرائمري اسڪولن جون بلڊنگون زبون حالي جو شڪار ٿي ويون آهن اهڙن اسڪولن ۾ ڪلاس رومن جي ڇتن مان ڇاپڙ ڪرڻ زور جو معمول بڻجي ويو آهي مختلف وقتن تي مختلف اسڪولن ۾ ڪلاس روم جي ڇتن مان ڇاپڙ ڪڙڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ٻار زخمي پڻ ٿي چڪا آهن مختلف اسڪولن جي اهڙي زيون حالي جي ڪري سوين ٻارڙن ۽ استاد جون حياتيون خطري ۾ پيل آهن.

ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪيڏانهن وئي جاچ ٿيڻ گهرجي: سڄاڻ ڌريون

 

دادو: سڄاڻ ڌرين پاران پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو، وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير ورڪس، صوبائي صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن ، سيڪريٽري ورڪس، چئيرمين نيب سنڌ، اينٽي ڪرپشن چيئرمين سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ کان نوٽس وٺڻ جو مطابو ڪيو آهي ته درسگاهن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ آيل ڪروڙين روپيا هضب ڪندڙ خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري مستقبل جي معمارن جون حياتيون بچائڻ سان گڏوگڏ تعليم کي به بچايو وڃي. سڄاڻ ڌرين جو اهو به موقف آهي ته هٿ وٺي سرڪاري اسڪولن کي تباهه ڪيو پيو وڃي جيئن پرائيويٽ اسڪولن کي موقعو ڏئي عوام کي لٽيو وڃي.

بلڊنگ جي زبون حالي ۽ خطرناڪ قرار ڏيڻ سبب والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ ڇڏي ڏنو آهي: تعليم کاتي جا آفيسر

 

دادو: تعليم کاتي جي آفيسرن جي رپوٽ موجب دادو ضلعي ۾ ڪيترائي سرڪاري اسڪولن جون بلڊنگون زبون حالي جون شڪار آهن جڏهن ته ڪيترائي اسڪول پڻ خطر ناڪ قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته اهڙن اسڪولن جي زبون حالي جي ڪري شهرين سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجا ٻار موڪلڻ ئي ڇڏي ڏنا آهن جنهن جي ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخل واري شرح ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جو اهم سبب سرڪاري اسڪولن جي بلڊنگن جي زبون حالي آهي جڏهن ته سرڪاري اسڪولن جي مرمت جي مد ۾ آيل ڪروڙين روپيا ايجوڪيشن ورڪس جي ڪامورن سرڪاري اسڪولن جي بلڊنگسن جي مرمت تي خرچ ڪرڻ بدارن ملي ڀڳت ڪري مبينه طور هڙپ ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري ڪيترن ئي سالن کان سوين سرڪاري اسڪولن جي بلڊنگن جي مرمت نه ٿي سگهي جنهن ڪري سرڪاري اسڪولن جون بلڊنگون زبون حال ٿي ويون آهن جنهن ڪري ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو پر اهڙي خطر ناڪ صورتحال باوجود به ايجوڪيشن ورڪس پاران اسڪولن جي مرمت تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو جنهن ڪري سرڪاري اسڪول ڀوت بنگلا بڻجي ويا آهن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *