خيرپور ۾ روڊ حادثا، 8 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

خيرپور ( ڊ ر  ) خيرپور ضلعي ۾ مختلف روڊ حادثن ۾8  ڄڻا فوت 30 کان مٿي زخمي ، تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ ٽن ڏينهن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 30 کان مٿي زخمي ٿي پيا . عيد واري ڏينهن تيز رفتاري سبب ڪوٽ ڏيجي اڀن شاهه روڊ تي ٻن موٽرائيڪلن سوران ۾ ٽڪر لڳڻ سبب سهيل  ۽ شوڪت ٿڏي فوت ٿي ويا ، جڏهن ته منظور سبيپوٽو ، عرفان علي ، خالد حسين سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته مشهور درگاهه اڀن شاهه جي زيارت لاءِ ويندڙ موٽرسائيڪل سوار نوشهري فيروز جو رهواسي غلام رسول لاڙڪ ٿڏي تي فوت ٿي ويو ، جڏهن ته ظفر جانوري ، روشن علي ، علي حسن سخت زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ تي پوليس زخمين کي سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو آهي جڏهن ته فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيا ، جڏهن ته قومي شاهراهه تي ٽنڊومستي لڳ حادثي ۾ سليم احمد فوت ٿي ويو ۽ 5ڄڻا زخمي پيا ، جڏهن ته  قومي شاهراه تي هنڱورجا وٽ ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب الطاف ڪوري ، فياض ملاح ۽ امير علي ملاح . ذيشان ملاح فوت ٿي ويا ، جڏهن ته بس ۾ سوار 20کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا ،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *