خيرپور: ٽرڪ جو مسافر وين سان ٽڪر، 21 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

خيرپور (اين اين آءِ) سنڌ صوبي  جي خيرپور ضلعي ۾ شاهه حسين بائي پاس تي ٺيڙي جي هنڌ تي تيز رفتار ٽرڪ مسافر و ين سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 21 مسافر  فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ريسڪيو ذريعن مطابق ٽرڪ وين مٿان اوندهي  ٿي پئي، جنهن سبب ماڻهون دٻجي فوت ٿي ويا هئا ريسڪيو آپريشن کان پوءِ کين ٻاهر ڪڍيو ويو مسافر وين خيرپور کان سکر وڃي رهي هئي جڏهن ته ڪوئلي سان  ڀريل ٽرڪ پنجاب وڃي رهيو  ٻنهي جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو فوتين ۾ راڻي پور ۽ ڀرپاسي جا واپاري به شامل آهن جيڪي خريداري جي لاءِ سکر وڃي رهيا هئا وين  ۾ مسافرن جي سڃاڻپ جي هوالي سان عملدران جو چوڻ هيو ته وين ۾ 40 سالن جو نذير حسين، 26 سالن جو هدايت الله ، 52 سالن جو عبدالرشيد، 30 سالن جو تنوير حسين، 40 سالن جو محمد رمضان، 24 سالن جو نويد، 27 سالن جو ممنوهن داس، 25 سالن جو خليل احمد، 36 سالن جو صدر الدين، 28 سالن جو ٻانهو خان، 27 سالن جو پتنگ علي، 55 سالن جو علي گل، 25سالن جو پرويز، 43 سالن جو امان الله، 24 سالن جو صابل، 23 سالن جو امجد علي، 27 سالن جو پٺاڻ، 35 سالن جو محمد صفدر ۽ 28 سالن جو نديم علي ۽ ٻيا مسافر سوار هئا، خيرپور جي سنيئر سپرينٽيندنٽ پوليس اظفر مهسير مطابق حادثي ۾ بچي ويلن جو چوڻ هيو ته مسافر وين جو ڊرائيور غلط نموني سان ٽرڪ کي اوور ٽيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن سبب هي  حادثو پيش آيو پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ۽  واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *