خيرپور ميڊيڪل ڪاليج کي ٻن مهينن اندر فعال بڻائي رجسٽرڊ ڪرايو وڃي: قائم علي شاهه

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاڳاپيل انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته ٻن مهينن جي اندر خيرپور ميڊيڪل ڪاليج کي بحال ڪري ان کي فعال بنائي 10 ڏينهن جي اندر ڪاليج کي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کان رجسٽرڊ ڪرايو وڃي. اهڙيون هدايتون هن سي ايم هائوس خيرپور۾ ميڊيڪل ڪاليج بابت ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. وڏي وزير صحت کاتي، قانون واري کاتي ۽ ڪاليج جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته 15 ڏينهن جي اندر ڪاليج جي داخلا پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي ايندڙ 15 فيبروري تائين داخلا جي لاءِ اميدوارن کان درخواستون وصول ڪيون وڃن. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪاليج جو منصوبو 2012 ۾ 433 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو هو ۽ ان منصوبي لاءِ مالي سال 15 – 2014ع ۾ مختص ڪيل باقي 433 ملين روپيه به جاري ڪيا ويا آهن ته جيئن هي منصوبو جلد از جلد مڪمل ٿي سگهي ۽ تدريسي عمل شروع ڪري سگهجي. هن چيو ته خيرپور ۾ ڪاليج جي قيام سان نه رڳو مقامي آبادي کي فائدو ٿيندو پر آس پاس جا علائقا ۽ ٻين ضلعن جي ماڻهن کي به فائدو ٿيندو. هن ڪاليج جي انتظاميه کي چيو ته تعليمي پاليسي جي مطابق ڪاليج جون 50 سيڪڙو سيٽون شاگردياڻين جي لاءِ مختص ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *