خيرپور لڳ لڱ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثو، 16 مسافر اجل جو شڪار ، 20 زخمي

ڪراچي/خيرپور (نمائندن وٽان/اي پي پي) خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 15 مسافر فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب اربع تي صبح جو خيرپور جي پسگردائي واري علائقي سيٺارجا ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سامهون کان ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 16 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٺري مير واهه، گمبٽ ۽ خيرپور جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٺري مير واهه، گمبٽ ۽ خيرپور سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب حادثو تيز رفتاري ۽ ڪوچ ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو. حادثي بعد سکر جي ڪمشنر عباس بلوچ ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي ٺري مير واهه اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ کين علاج جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. لاشن جي سڃاڻپ شوڪت قريشي،محمد حسن، سلطانه، حضرت علي خان، حيات، محمد طيب، عبدالعزيز، ذوالفقار، حماد الله، رياض احمد، محمود ارشد، فيصل مهر،جواد علي، حماد الله، عرفان، اسد، زوهيب ڪوثر، گلزار بيگم جڏهن ته زخمين جا نالا حمزه مصطفيٰ، سحرش، ساجد،جميله، انيله، راشد، اسد ٻڌايا ويا آهن. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اربع ڏينهن خيرپورميرس ضلعي ۾ ٻن مسافر بسن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي پنهنجي سخت ڏک ۽ غم جو اظهار ڪندي واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي سکر کي واقعي جي جاچ ڪرڻ ۽ جلد کان جلد رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي جي آفيسرن کي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ضلعي انتظاميه کي زخمين جي علاج جي ڏس ۾ نگراني جي به هدايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي سکر کي هدايت ڪئي ته هو جاچ ڪري واقعي جي سببن جو تعين ڪن ۽ انهن سببن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪن. هن قيمتي انساني جانين جي حادثي جي نظر ٿيڻ تي پنهنجي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان پنهنجي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *