خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ٻيهرڪرائڻ لاءِ تيار آهيون: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته هو خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ٻيهر ڪرائڻ لاءِ تيار آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان خيبرپختونخوا ۾ ملڪي تاريخ جون سڀ کان وڏيون چونڊون ڪرايون آهن، جن ۾ سڀني سياسي پارٽين گڏجي تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪيو. چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسان مڪاني چونڊون ٻيهر ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، جتي ڌانڌلي جو الزام لڳو آهي، اسان اتي به اليڪشن ٻيهر ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، سندس چوڻ هو ته مان اڳڪٿي ٿو ڪيان ته جيڪڏهن ٻيهر چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف اڳ کان به وڌيڪ ووٽ کڻندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسان فوج جي نگراني ۾ به چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *