خيبر پختونخواهه حڪومت پاران ريحام خان کي انٽرنيشنل اسٽريٽ چلڊرين جو سفير بنائڻ جو اعلان

پشاور (بيورو) خيبر پختونخواهه حڪومت تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي زال ريحام خان کي انٽرنيشنل اسٽريٽ چلڊرين جو سفير بنائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پشاور ۾ اسٽريٽ چلڊرين ڊي جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ خيبر پختونخواهه حڪومت ريحام کي انٽرنيشنل اسٽريٽ چلڊرين جو سفير بنائڻ جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ريحام خان چيو ته ٻارڙا اسٽريٽ چلڊرين پاڻمرادو ناهن بڻجندا پر معاشرو کين اسٽريٽ چلڊرين بڻائيندو آهي ماءُ طور ڪنهن ٻارڙن کي خيرات وٺندي ڏسي ڏک ٿئي ٿو رستن تي گهمندڙ لاوارث ٻارڙا اسٽريٽ چلڊرين نه پر اسٽيٽ چلڊرين آهن ۽ انهن جي سارسنڀال اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته اسان جو دين ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي ته ڪنهن کي بري حال ۾ ڏسي ڪنڌ ڦيرائي ڇڏجي پر اسان جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته هڪ به ٻارڙو اسٽريٽ جو سهارو نه بڻجي جيڪو سڀ کان بهترين صدقه جارهيه آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس هار جي ڪهڙي ضرورت آهي الطاف ڀاءُ کي ڪجهه ڏيڻو آهي ته لاوارث ٻارڙن کي ڏئي. هن چيو ته هو ڪراچي جي تڪ اين اي 246 ۾ عورتن کي متحرڪ ڪندي. هن تڪ ۾ تبديلي عورتون ئي آڻينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *