خيبر ايجنسي ۾ فورسز سان چڪريون، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي

خيبرايجني (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي جي تيره ماٿري ۾ سڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. تيره ماٿري جي نيري بابا واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪريون ٿيون. چڪرين دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 3 سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن کي سي ايم ايڇ پشاور منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته اتر وزيرستان وانگر خيبر ايجنسي ۾ به دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي جنهن ۾ هن وقت تائين ڪيترن ئي دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *