خيبر ايجنسي ۾ فورسز جي ڪارروائي، 48 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران وڌيڪ 48 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف خيبر ايجنسي ۽ اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جا آپريشنز ڪاميابيءَ سان جاري آهن. خيبر ايجنسيءَ جي علائقي تيره ماٿري ۾ جيٽ جهازن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سندن ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي،جنهن ۾ 48 ملڪ دشمن مارجي ويا. ڪارروائي دوران 20 کان وڌيڪ دهشتگرد زخمي پڻ ٿي پيا،جڏهن ته شرپسندن جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *