خيبر ايجنسي ۾ فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي هوائي ڪارروائي دوران وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن پنج ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب خيبر ايجنسي جي تيره ماٿري ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي وئي. بمباري ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سندن 3 ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ لشڪر اسلام سان آهي. ياد رهي ته سڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن به گن شپ هيليڪاپٽرن جي مدد سان پنجن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *