خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 20 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران جيٽ جهازن جي بمباري ۾ اهم ڪمانڊرن سميت 20 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب خيبر ايجنسي ۾ آپريشن خيبر ٽــُو ڪاميابي سان جاري آهي. ايئرفورس جي جهازن خيبر ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ شدت پسندن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي. بمباري جي نتيجي ۾ 20 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ اهم ڪمانڊر به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *