خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، اهم ڪماڊر سميت 13 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م.ڊ) خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندس 16 ٿاڪن کي به تباهه ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جيٽ جهازن خيبر ايجنسي جي اڪاخيل واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن آپگهاتي حملا آورن سوڌو 13 دهشتگردن مارجي ويا ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ سندن هڪ اهم ڪمانڊر به شامل آهي جيڪو آپگهاتي حملو ڪندڙن کي سکيا ڏيندو هو ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي 16 ٿاڪن کي تباهه ڪري اتي پيل گولا بارود جو وڏو ذخيرو به ضايع ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *