خيبرپختونخوا ۾ برسات جون تباهيون، ۵ ڄڻا فوت، دريائن ۾ ٻوڏ

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ هاڻوڪي برساتن سبب گهر ڪرڻ سبب ۵ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته صوبي جي مختلف دريائن ۾ هيٺين سطح جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ مطابق صوبي ۾ شديد برساتن سبب گهر ۽ ديوارون ڪرڻ سبب ۵ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٦ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. ٻئي طرف فلڊ سيل خيبرپختونخوا مطابق ڪابل ندي ۾ ورسڪ جي هنڌ وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌو درياءَ ۾ تربيلا وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي جڏهن ته سوات ندي ۾ به چارسده روڊ وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي. فلڊ سيل مطابق باقي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *