خيبرايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري سبب 22 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م.ڊ) آپريشن خيبر ون دوران خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري سبب 22 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج کي آپريشن خيبر ون ۾ ڀرپور ڪاميابيون ملي رهيون آهن جتي آپريشن ۾ اڄ پاڪ فضائيه جي جيٽ جهازن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا پاڪ فوج جي ترجمان مطابقجيٽ جهازن وادي تيراهه جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 6 ٺڪاڻا به تباهه ٿي ويا جڏهن ته ڪارروائي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم طالبان ۽ لشڪر اسلام سان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *