
اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالوجي رانا تنوير حسين اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پاران وزيراعظم تي تنقيد کان پوءِ ردعمل ۾ چيو آهي ته خورشيد شاهه قوم کي اهو به ٻڌائي ته هو پنهنجي حڪومت جي ڏينهن ۾
ملڪ کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا ڏنا وفاقي وزير پنهنجي بين ۾ چيو ته کيس 35 خطن بابت خبر پئي آهي جيڪي خورشيد شاهه وزيراعظم کي لکيا جڏهن ته جيڪڏهن پنڊوراباڪس کليو ته ڳالهه پري وڃي پوندي هن چيو ته خورشيد شاهه هڪ ميچوئر سياستدان آهي تنهنڪري ان کي اهڙي ڪڌي بيان بازي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي کيس اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان اهي ڳالهيون جڳائين ٿيون.