خورشيد شاهه سان اختلافن جون خبرون رد، ناصر شاهه کان قلمدان واپس وٺڻ پارٽي قيادت جو اختيار آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته پارٽي قيادت ۽ حڪومت وزارتن ۾ تبديلي جي مجاز آهي ۽ قيادت ڪنهن به وزير کان کاتي جو قلمدان واپس وٺي سگهي ٿي ۽ ڪنهن به وزير کي هٽائي سگهي ٿي، ناصر شاهه کان مڪاني ادارن واري کاتي جو قلمدان واپس وٺڻ جو سبب سندس خورشيد شاهه سان اختلاف نه آهن، ناصر شاهه جڏهن وزارت جو حلف کڻي رهيو هو ته خورشيد شاهه ان تقريب ۾ موجود هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ لياري يونيورسٽيءَ جي هڪ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ ۾ واپسيءَ سٺو عمل آهي، جنهن تي کين خوش آمديد چئون ٿا ۽ هاڻي هو بهتر طريقي سان قانونسازي ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت متعلق پيپلز پارٽي سولوفلائيٽ ڪرڻ يا اڪيلي سر اڏام ڪرڻ تي يقين نه رکي، هاڻي اهو  دارومدار ايم ڪيو ايم تي آهي ته هو سنڌ حڪومت ۾ شموليت لاءِ ڪيترو رستو وڌائين ٿا. هن چيو ته ماضيءَ ۾ 5 سال سڀئي جماعتون پيپلز پارٽيءَ جون اتحادي رهيون آهن، ان لاءِ هاڻي به پيپلز پارٽي اڪيلي اڏام جي عادي ناهي. هن چيو ته گڏل فهم سان عوام سان مسئلا وڌيڪ حل ٿيندا ۽ وڌيڪ بهتر ڪم ٿيندو. هن چيو ته پاڻ ۾ اختلاف نه هجڻ گهرجن هاڻي سنڌ جي وڌيڪ بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ماحول بهتر پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته سڀني جماعتن جي آپريشن تي اتفاق سان اڄ سنڌ ۾ امن امان بهتر ٿيو آهي ۽ ڀنگ عيوض اغوا، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو خاتمو ٿيو آهي. نثار احمد کهڙو چيو ته اسين پهريان ئي چيو هو ته ايم ڪيو ايم کي استعيفائون نه ڏيڻ گهرجن ها ڇاڪاڻ ته احتجاجي طور تي استعيفائون نه ڏنيون وينديون آهن نه ئي احتجاجي استعيفائون قبول ڪيون وينديون آهن، ان لاءِ ايم ڪيو ايم جون استعيفائون قبول نه ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *