خورشيد شاهه جي شاهه محمود قريشي سان ملاقات، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ مختلف نالن تي مشاورت

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مشاورت لاءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ پاران جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد جو نالو تجويز ڪيو ويو جمعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ خورشيدشاهه شاهه محمود قريشي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ مختلف نالن تي مشاورت ڪئي ويئي ملاقات ۾ نئين اليڪشنڪمشنر جي مقرري متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف ناصر اسلم زاهد جو نالو ڏنو آهي جنهن تي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي پاران تصدق حسين جيلاني جو نالو ڏنو ويو، جسٽس (ر) رانا ڀڳوانداس ۽ جسٽس ميان اجمل جا نالا به غور هيٺ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *