خورشيد شاهه جي دور ۾ حج ويلفيئر فنڊ مان 9 ڪروڙ رپين جا موبائيل فونز خريدڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سيد خورشيد شاهه جي مذهبي معاملن واري وزارت جي دور ۾ حج ويلفيئر فنڊ مان 9 ڪروڙ رپين جي موبائيل فونز خريد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊٽ اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته موبائيل فونز جي خريداري ۾ پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي.قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس نويد قمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حج ويلفيئر فنڊ مان موبائيل فون جي خريداري وارن معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته 2012 ۾ 9 ڪروڙ رپين جون موبائيل فونز غير قانوني طور تي خريد ڪيون ويون. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته موبائيل فونز جي خريداري لاءِ پيپرا رولز جي به ڀڃڪڙي ڪئي، ان لاءِ ڪي به ٽينڊر جاري نه ٿيا هئا. پي اي سي حج ويلفيئر فنڊ مان موبائيل فون خريدڻ تي ڪاوڙ جو اظهار  ڪندي چيو ته پيپرا رولز جي ڀڃڪڙيءَ جو ذميوار ڪير آهي.؟ ڪميٽي جي ميمبر شيخ رشيد چيو ته ان ڳالهه جو تعين ٿيڻ ضروري آهي ته ايتري وڏي رقم جون موبائيل فون خريد ڪري ڪنهن کي نوازيو ويو.؟ شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته حج جي ادائيگي لاءِ موبائيل فون ضروري ناهي هوندي، موبائيل فونز جي خريداري ڪرپشن لاءِ ڪئي وئي، معاملو نيب يا ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو وڃي. واضح رهي ته اجلاس جي صدارت خورشيد شاهه کي ڪرڻي هئي پر 2012 ۾ خورشيد شاهه جي وزارت واري دور جا معاملا اچڻ سبب ان اجلاس جي صدارت نه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *