خورشيد شاهه جي بيان تي ايم ڪيو ايم کان معافي گهران ٿو: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه جي معافي کانپوءِ معاملو حل ٿيڻ گهرجي ها ۽ جيڪڏهن هينئر تائين به معاملو حل ناهي ٿيو ته ان جي جڳهه تي آئون معافي گهران ٿو سياسي ۾ مذهب کي نه آندو وڃي، پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان ۾ برداشت جي کوٽ آهي ۽ اسان وٽ معاملا پهريان کان ئي تمام گهڻا خراب آهن ايم ڪيو ايم کي خواجه آصف درخواست ڪئي ته ان معاملي کي نه وڌايو وڃي ۽ ملڪ لاءِ اهو ئي بهتر آهي ته معاملو ختم ڪيو وڃي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پارليامينٽ اظهار راءِ لاءِ بهترين فورم آهي ان ڪري قومي معاملن کي هتي بحث هيٺ آندو وڃي ياد رهي ته اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه لفظ مهاجر کي گار قرار ڏنو هو جنهن تي متحده قومي موومينٽ سخت احتجاج ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *