خورشيد شاهه، سراج دراني سميت پ پ اڳواڻن سوڌو اثاثا لڪائيندڙ 16 شخصيتن جي اثاثن جي جاچ شروع

سکر (بيورو رپورٽ) فيڊ بورڊ آف روينيو هاءِ پروفائيل ٽئڪس يونٽ طرفان پ پ اڳواڻن سوڌو 16 شخصيتن جي اثاثن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو هاءِ پروفائيل ٽئڪس يونٽ سکر طرفان ظاهر ڪيل اثاثن کان وڌيڪ اثاثا رکندڙ 16 اهم شخصيتن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي. هاءِ پروفائيل ٽئڪس يونٽ جي سربراهي چيف ڪمشنر غلام مصطفيٰ راهو ڪري رهيو آهي. جِن 16 شخصيتن جي وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، اُنهن ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، اسپيڪر آغا سراج دُراني، جيڪب آباد مان اعجاز جکراڻي، سکر مان سون جو واپاري جاويد ميمڻ، ڊاڪٽر شاهد ميراڻي، ڊاڪٽر رفيق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فرحان بلوچ شامل آهن. اُن کانسواءِ لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ايم اين اي نذير ڀٽو، ڊاڪٽر اڪبر ڀنڊ، گهوٽڪي مان اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر ۽ محمد بخش مهر جي اثاثن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب نوشهروفيروز مان ايم اين اي ذوالفقار بهڻ ۽ واپاري محمد نواز خان جي اثاثن جي به جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *