
مٺي(م.ڊ) سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ چار مائرن جون هنجون خالي ٿي ويون، سول اسپتال مٺي م خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻار فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙ ٻارن ۾ الله ڏنو، شنڪر، ستار ۽ پنجو جو تازو ڄاول ٻار شامل آهي، هلندڙ مھيني فوتي ٻارڙن جو انگ 34 ٿي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو مجموعي انگ 374 ٿي ويو . ٻارڙن جي موت واري واقعن جو سنڌ حڪومت نوٽيس نه ورتو، جڏهن ته ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي جي سول اسپتال ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن جي اسپتالن ۾ دوائن جي اڻهوند سبب مريض سخت پريشان آهن