خواهش آهي ته اين اي 120 جي لاءِ اپوزيشن گڏيل اميدوار آڻي: سراج الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت قبيلائي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري، ملڪي قانونن ۾ تبديلي آڻي باهر ملڪيتون ٺاهيندڙن جو رستو روڪيو وڃي، هن چيو ته اسان کي سياست ۾ شائستگي ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته جيڪو به وزيراعظم هجي، صادق ۽ امين هجي، 62، 63 کي ائين مان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪندڙ پاڪستان بڻائڻ جي مقصد جي نفي ڪن ٿا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا حڪومت عدالتن سان وڙهڻ بدران ڪارڪردگي بهتر بڻائي، سراج الحق چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ قدم اڳتي وڌي ۽ پاناما ڪيس ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري، هي ڪيس اڃا ختم ناهن ٿيا، اڃا پهريون مرحلو آهي، اين اي 120 تي اميدوار جو فيصلو ناهي ڪيو، خواهش آهي ته اين اي 120 جي لاءِ اپوزيشن گڏيل اميدوار آڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *