خواجه آصف ووٽ جي تقدس جي پاڻ لتاڙ ڪئي، گاڊ فادر جو هڪ ٻيو درٻاري اڄ نااهل ٿي ويو: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته خواجه آصف پاڻ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪيو. تحريڪ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 16

انصاف سربراهه عمران خان بني گالا ۾ پارٽي اڳواڻ عثمان ڊار سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خواجه آصف جي نااهلي جي امڪاني فيصلي تي صلاح مشورا ڪيا ويا. عمران خان ڪيس کي جارحاڻي انداز ۾ ويڙهڻ تي عثمان ڊار کي شاباپش پيش ڪئي ۽ فيصلي کانپوءِ ٻيهر ملاقات جي به هدايت ڪئي. ان موقعي تي عمران خان چيو ته هي ڪيس ڪنهن جو ذاتي ناهي، پاڪستان جي مستقل جو آهي، خواجه آصف ووٽ جي تقدس جي پاڻ لتاڙ ڪئي آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته گاڊ فادر جو هڪ ٻيو درباري اڄ ساڳي انداز ۾ نااهل ٿي ويو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي لاءِ اقامي جو سهارو وٺندڙ هڪ ٻيو درٻار نااهل ٿي ويو. عمران خان چيو ته الله حق آهي، خواجا آصف شوڪت خانم اسپتال کي نشانو بڻايرو ۽ اڄ هو نه رڳو ڏيهه پر پرڏيهه ۾ به بدنام ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *