خواجه آصف به يو اي اي جي ڪمپني جو ملازم هئن جو انڪشاف

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف جي به 2013ع ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف جي نامزدگي ڪاغذن جا تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن. پاڻي ۽ بجلي واري خواجه آصف 2013ع جي چونڊن ۾ پنهنجو اقامو ظاهر ڪيو هو، خواجه آصف گڏيل عرب امارات جو اقامو انٽرنيشنل مڪينڪل ايند اليڪٽرڪل ڪمپني جي منظوري سان ليگل ايڊوائيزر پرائيويٽ طور حاصل ڪيو، جڏهن ته خواجه آصف اين اي 110 تان نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد رٽرننگ آفيسر درست قرار ڏنو. 2013ع ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن موجب خواجه آصف گڏيل عرب امارات ۾ 6 مهينا ترسڻ جو اقامو حاصل ڪيو. خواجه آصف ٽن مختلف دورن ۾ 3 اقاما حاصل ڪيا، هڪ اقامو 2007ع کان 2010ع، ٻيو اقامو 2010ع کان 2011ع تائين جڏهن ته ٽيو اقامو 2010ع  کان 2011ع تائين هو. ان حوالي سان خواجه آصف چيو ته سندس اقامو 27 سال کان اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، سندس گڏيل عرب امارات ۾ 1983ع کان بئنڪ اڪائونٽ موجود آهي تنهن وقت کان بئنڪنگ چئنلز ذريعي رقم حاصل ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *