خليج جنگ سان رڳو اسرائيل ۽ آمريڪا کي فائدو ٿيندو: سراج الحق

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته يمن جي معاملي ۾ ترڪي ۽ پاڪستان کي ثالثي ڪرڻ گهرجي. منصور لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته خليج جي جنگ سان آمريڪا کي هٿيارن جي نئين منڍي ملندي. پاڪستان ۽ ترڪي انهيءَ حيثيت ۾ آهن ته انهيءَ مسئلي ۾ ثالثي ڪرائين ۽ سعودي عرب ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ گهٽائين ڇو ته انهيءَ جنگ ۾ اسرائيل کي فائدو ٿيندو. جماعت اسلامي جي امير ملڪي نطام جي بهتري لاءِ 3 اپريل تي عوامي رابطا مهم به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڪرپٽ اشرافيه سمورن ادارن کي يرغمال بڻايو آهي. سراج الحق جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊن ۾ جماعت اسلامي ڀرپور حصو وٺندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *