خطي ۾ جوهري ڦهلاءُ روايتي بحري قوت ۾ واڌ سبب مسلسل هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

لاهور (اين اين آءِ)  صدر ممنون حسين چيو آهي ته خطي ۾ جوهري ڦهلاءُ ۽ روايتي بحري قوت ۾ واڌ سبب مسلسل چوڪنار رهڻ جي ضرورت آهي، سي پيڪ کي درپيش خدشن ۽ خطرن کي اڳيان رکندي ان جي تحفظ لاءِ به بهتر قدم کنيا وڃن، خطي جو روشن ۽ خوشحال مستقبل سي پيڪ سان جڙيل آهي، ان جي فعالي صرف هڪ بندرگاهه جي وجود ۾ اچڻ ۽ مختلف خطن کي هڪ روڊ ذريعي گڏيل ملائڻ جو ڪم ئي نه ڪندي پر بري ۽ سامونڊي فوج ٻنهي شعبي ۾ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير جو ذريعو بڻجندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيول وار ڪاليج ۾ ميري ٽائيم جي پهرين محفوظ سمنڊ، خوشحال پاڪستان جي موضوع تي 15 ڏينهن واري ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪ نيوي انهن معاملن تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، اميد ڪريان ٿو ته اهڙي قسم جا پروگرام پاڪستان جي سامونڊي وسيلن مان ڀرپور فائدن جو ذريعو بڻجندا، يقين آهي ته نيوي ۽ ان سان جڙيل ادارا ان قومي جذبي تحت پنهنجون خدمتون ادا ڪندا رهندا، هن چيو ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شريڪ ٿيندڙن ان سلسلي ۾ جنهن محنت سان پنهنجون سفارشون تيار ڪري پيش  ڪيون ان تي کين مبارڪ ڏيان ٿو ۽ يقيني ڪريان ٿو ته معيشت کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ بحري رستن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته ورڪشاپ سي پيڪ جي تعلق جي حوالي سان ان جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته يقين آهي ته اهڙي نموني جي ورڪشاپ ۽ سيمينار ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *