خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان سان صحتمند ۽ دلي ناتا قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان چيو آهي ته هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان سان صحتمند ۽ دلي ناتا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي چئي. هن چيو ته افغانستان جي صدر اشرف غني جو تازو پاڪستان جو دورو حقيقي معنيٰ ۾ انتهائي ڪامياب رهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ناڻي وارن وزيرن وچ ۾ ملاقات انتهائي اهميت واري آهي ڇاڪاڻ ته ان ملاقات ۾ معيشت، واپار،ڳانڍاپن ۽ عوامجي عوام سان رابطن سان لاڳاپيل 42 اهم فيصلا ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي ترقي جي حوالي سان ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن چيو ته افغان صدر جو پاڪستان جو دورو رڳو علامتي نه پر انتهائي ڪامياب آهي. هن چيو ته افغان صدر جي پاڪستان جي دوري دوران گڏيل سهڪار جي ڪيترن ئي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۽ روس جي ناتن جي حوالي سان هڪ سوال تي تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان روس کي اهم عالمي ملڪ قرار ڏئي ٿو جيڪو خطي جي استحڪام ۽ ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جا ناتا اهم رخ طرف وڌي رهيا آهن ۽ پاڪستان روس کان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان سهڪار چاهي ٿو. هن چيو ته روس جو دفاع وارو وزير سرگئي شوگوف هن وقت سرڪاري دوري تي اسلام آباد آيل آهي. ڪشمير جي مسئلي تي پرڏيهي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ مڃيل تڪرار آهي ۽ گڏيل قومن واري اداري جي سلامتي ڪائونسل ان تڪرار تي ڳالهين لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن واري اداري جي پاڪستان ۽ ڀارت لاءِ فوجي مبصر گروپ تي زور ڀري ٿو ته اهو جنگ بندي جي خلاف ورزين جي حوالي سان اثرائتو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي جتي اٽڪل 55 هزار ماڻهن پنهنجن جانين جو نذرانو ڏنو آهي ۽ اسان جي هٿياربند فوجين به دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن متڀيد جي جامع فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *