خطي جي ترقي لاءِ سارڪ ملڪن جا تڪرار حل ٿيڻ گهرجن: وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو ته خطي جي ترقي لاءِ سارڪ ملڪن جا تڪرار حل ٿيڻ گهرجن، پاڪستان نيپال سان ويجها اقتصادي ۽ ثقافتي ناتا چاهي ٿو، پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ گڏيل واپار جي رجحان ۾ واڌ هئڻ گهرجي، گڏيل واپار جي واڌاري لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، پاڪستان نيپال سان گڏجي سارڪ سرگرمين جو فروغ چاهي ٿو. هو وزيراعظم هائوس ۾ نيپال جي پرڏيهي وزير مهندرا بهادر پانڊي سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان نيپال سان ويجها اقتصادي ۽ ثقافتي ناتا چاهي ٿو. پاڪستان نيپال سان گڏجي سارڪ سرگرمين جو روغ چاهي ٿو. هر سال ٿيندڙ سارڪ اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي اعليٰ سطح تي ٿيندي، پاڪستان ۽ نيپال جي گڏيل تجارتي رجحان ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، خطي جي ترقي لاءِ سارڪ ملڪن وچ ۾ تڪرار حل هئڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته گڏيل واپار جي واڌاري لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *