خطي جي ترقيءَ لاءِ دهشتگرديءَ جي ناسور کي گڏيل طور منهن ڏيڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ چين کي قدرتي واپاري اتحادي قرار ڏيندي چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبي سان پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ انقلابي تبديلي ايندي، خطي جي ترقيءَ لاءِ دهشتگرديءَ جي ناسور کي به گڏيل طور منهن ڏيڻو پوندو. چين جي گاديءَ واري شهر بيجنگ ۾ شاهراهه ريشم بابت ايشيا جي سياسي پارٽين جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته چين ۽ پاڪستان هڪٻئي جا قدرتي واپاري اتحادي ملڪ آهن. پ پ چيئرمين چيو ته گوادر کان ڪاشغر تائين پاڪ – چين اقتصادي راهداري وارو منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستان جي، اقتصادي ترقيءَ جي شرح ۾ 15 سيڪڙو تائين واڌ ٿيندي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي صوبي ٿر ۾ جاري ٿرڪول رٿا به علائقي جي ترقيءَ لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري،ان موقعي تي پاڪستان اندر امن امان جي صورتحال بابت خدشن جو به خاص طور ذڪر ڪيو ۽ چيو ته خطي جي ترقيءَ لاءِ دهشتگرديءَ جي ناسور کي منهن ڏيڻ لاءِ چين سميت ٻين ملڪن کي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن واضح ڪيو ته ڪوبه ملڪ دهشتگرديءَ کي اڪيلي سر منهن نه ٿو ڏئي سگهي، انڪري گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري اميد ڏيکاري ته خطي ۾ امن لاءِ چين جو افغانستان سميت ٻين ملڪن ۾ مثبت ڪردار بهتر نتيجا آڻيندو، جنهن سان خطي جي ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي پاڪ – چين گڏيل سهڪار سان جاري منصوبن توڙي پ پ جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو خاص ذڪر پڻ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *