خطرناڪ سيلفيون ڪڍرائيندڙ ماڊل کي پوليس گهرائي ورتو

دبئي (شوبز نيوز) سيلفيءَ جو شوق ڪجهه ماڻهن کي چريائپ جي حد تائين هوندو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو خطرن کي منهن ڏيندي موت جي ور چڙهي ويندا آهن. اهڙو ئي ڪجهه هڪ رشين ماڊل به ڪيو آهي، جنهن کي اهڙي حرڪت تي پوليس پاڻ وٽ گهرائي ورتو آهي. رپورٽن موجب گذريل ڏينهن دبئي ۾ هڪ فيشن ماڊل ويڪٽوريا ايڊنٽڪوا پنهنجون سيلفيون ۽ ويڊيوز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيون هيون. هن اهي تصويرون دبئي جي وڏي ٽاور جي ڇت تي لڙڪي تيار ڪرايون هيون، هن جنهن انداز ۾ اهي تصويرون شوٽ ڪرايون، ان سان سندس حياتي به خطري ۾ پئجي سگهي پئي. هاڻ دبئي پوليس ويڪٽوريا ايڊنٽڪوا کي اهڙي حرڪت تي طلب ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اسان ماڊل کي ان لاءِ گهرايو آهي ته هوءَ خاطري ڪرائي ته اڳتي ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *