خطرناڪ دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) سياسي ۽ فوجي قيادت، خطرناڪ دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتون دهشتگرديءَ خلاف قومي ايڪشن پلان جو حصو ۽ مسئلن جو غير معمولي حل آهن. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ملڪي سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، بچاءَ واري وزير خواجا آصف، اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جــِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جــِي ايم او ۽ اٽارني جنرل سلمان بٽ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خاص عدالتون قائم ڪرڻ سميت دهشتگردي خلاف 20 نقطن تي غور ويچار ڪيو ويو. اٽارني جنرل تجويز ڪيل ترميمن ۽ قانوني نقطن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خطرناڪ دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا ويندا. وزيراعظم چيو ته فوجي عدالتون دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان جو حصو ۽ مسئلن جو غير معمولي حل آهن. نواز شريف چيو ته غير معمولي مسئلن جي حل لاءِ غير معمولي قدم کڻڻا پوندا، ٻارن ۽ فوجين جي قتل جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا. سندس چوڻ هو ته قومي ايڪشن پلان تي بنا دير عمل يقيني بڻايو ويندو ۽ دهشتگردن خلاف شروع ڪيل جنگ ۾ ضرور ڪاميابي ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *