خصوصي فردن ۾ معذوري ڳولڻ بدران ان ۾ سندن قابليتون ڳوليون وڃن: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڄ پوري دنيا ۾ گڏيل قومن جي طرفان ملهائجندڙ معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستاني سماج تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهي خصوصي فردن ۾ معذوري ڳولڻ بدران ان ۾ سندن قابليتون ڳوليون وڃن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ اندازي موجب مختلف معذورين وارا هڪ ارب ماڻهو هن ڌرتي جي گولي تي رهن ٿا ضرورت ان ڳاله جي آهي ته کين انساني ترقي ۾ برابر جو حصيدار بنائڻ لاءِ کين انسان طور سماج جي سمورن شعبن سان ڳنڍڻ گھرجي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته خصوصي فردن سان ورتاءُ مان ئي قوم جي اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ٿئي ٿي تنهنڪري اسان جي سماج ۽ حڪومتن کي گهرجي ته کين انساني ترقي جي سمورن شعبن تعليم، روزگار، آمدرفت ۽ ٻين شعبن ۾ مناسب ۽ برابر پهچ ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ٻيڻيون ڪيون وڃن، بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت، چئني صوبائي حڪومتن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن تي زور ڀريو ته سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ معذورن جي لاءِ 2 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *