خصوصي عدالت ۾ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي، رحمان ملڪ پيش ٿيندو

راولپنڊي(اي پي پي) دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ۾ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي (اڄ) سومر تي ٿيندي. طلبي جا سمن جاري ٿيڻ تي بينظير ڀٽو جو اڳوڻو چيف سيڪيورٽي آفيسر سينيٽر رحمان ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيندو. گذريل ٻڌڻي تي خرم لطيف کوسه اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ طرفان وڪالت نامو عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ سندس حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ رحمان ملڪ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي طلبي جا سمن جاري ڪرڻ جو ڪو جواز نه ٿو ٺهي، مان ڪيس ۾ گواهه ئي ناهيان، جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي منهنجو بيان آهي ته استغاثه ان جي تصديق ٿيل ڪاپي مون کي فراهم ڪري، خبر ناهي استغاثه ڪڏهن ۽ ڪيئن مون کي گواهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي. درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مصروفيت سبب کيس هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. عدالت رحمان ملڪ جي اها درخواست منظور ڪري ورتي هئي. معزز جج رحمان ملڪ جا ٻيهر طلبي جا سمن جاري ڪندي ٻڌڻي (اڄ) 15 فيبروري تائين ملتوي ڪئي هئي. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چوڌري اظهر مطابق بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن جن ۾ خالد قريشي، آزاد خان، خالد رسول، زاهد حسين ۽ ٻيا شامل آهن جون شاهديون اڃا رڪارڊ ٿيڻون آهن، باقي گواهن جي بيان قلمبند ٿي چڪا آهن. ڌرين جا وڪيل سهڪار ڪن ته ان نهايت اهميت ڪيس جو ٽرائل 31 مارچ 2016ع کان اڳ مڪمل ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *