خصوصي عدالتون فوج نه پر وقت ۽ حالتن جي ضرورت آهن: آرمي چيف

اسلام آباد(بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته خصوصي عدالتون فوجي جي نه پر وقت ۽ حالتن جي صرورت آهن ۽ جيئن ئي صورتحال معمول  تي اچي ويندي پراڻو نظام واپس اچي ويندو، وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ پاڪستان نازڪ موڙ تي پهچي چڪو آهي دهشتگردي خلاف جنگ هارائڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون ۽ ان فيصلائتي جنگ ۾ انشاءَ الله اسان ضرور ڪامياب ٿينداسين، هن چيو ته پهرين اي پي سي ۾ قائم ٿيندڙ اتفاق جو تسلسل جاري رهڻ گهرجي، قوم جي مستقبل جو دارومدار اسان جي اڄ جي فيصلن تي آهي جنهن کانپوءِ انهن تي جلد کان جلد عملدرآمد به ٿيڻ گهرجي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته خصوصي عدالتون فوج جي نه پر وقت ۽ حالتن جي ضرورت آهن ۽ جيئن ئي صورتحال معمول تي اچي ويندي پراڻي نظام تي واپس اچي وينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *