”خدمتن تي ٽيڪسن بابت ترميمون صوبائي قانون ۾ سڌي مداخلت ۽ آئين جي لتاڙ آهن“ سنڌ سرڪار جو وفاق کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق پاران پارليامينٽ۾ پيش ٿيندڙ فنانس بل 2015 ع ۾ خدمتن تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٿيندڙ ڪجهه ترميمن کي صوبائي قانون ۾ سڌي مداخلت ۽ ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وفاق کان بينڪاري سميت 6 خدمتن تي لڳايل فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽِي فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران وفاق کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته بيڪنگ انشورنس سروس، فرنچائيز، ٽيليڪام، نان بينڪنگ، فنانشل ڪارپوريشن ۽ ريسٽورنٽ تي لڳايل فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي فوري طور تي واپس ورتي وڃي، ليٽر ۾ واضح لفظن ۾ چيو ويو آهي ته فنانس بل 2015 ۾ کنيل ڪجهه قدم خدمتن تي سيليز ٽيڪس جي صوبائي قانون ۾ مداخلت ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، وفاق فنانس بل ۾ اهي قدم متعارف ڪرائي قانون کان مٿانهون ڪم ڪيو آهي، ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته خدمتن تي سيلز ٽيڪس لڳائڻ بابت اشوز فوري طور تي حل ڪيا وڃن، خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وفاق پاران فنانس بل 2015 جي سيڪشن 2 جي شق (ڊي) (1) 33 ۾ سروسز جي تعريف تبديل ڪرڻ لاءِ جيڪا تجويز ڏني وئي آهي ان سان صوبن کي نقصان ٿيندو، ليٽر ۾ چيو ويو ته فنانس بل ۾ ڄاڻايل ترميم سان صوبائي حڪومت پاران خدمتن تي سيلز ٽيڪس لڳائڻ واري ڪوششن کي نقصان پهچندو، سنڌ حڪومت پاران وفاق کي چيو ويو آهي ته فنانس بل مان اهڙين ترميمن کي واپس ورتو وڃي جنهن سان صوبن جي آمدني متاثر ٿيڻ جو شڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *