خان صاحب! روئڻ سان فرق نه پوندو نيب کي ڪرپشن جو جواب ڏيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان توهان ساڍن 3 سالن ۾ 25 کان 26 بلين ڪوڙ ڳالهايو ۽ يو ٽرن ورتو، شڪر آهي ته خان صاحب ساڍن  3 سالن ۾ توهان هڪ ٻوٽو ته لڳايو اهو به نه لڳايو ها ته ڪي پي ڪي جي عوام کي ڪهڙو منهن ڏيکاريو ها، نيب کي خط ڪي پي ڪي جو عوام لکي رهيوآهي، خان صاحب توهان رڙيون نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو جواب نيب کي ڏيو، هن چيو ته خان صاحب توهان کي جتي ۽ جهڙي هنڌ موقعو ملي ٿو ته توهان هڪ وڌيڪ ڪوڙ ڳالهايو ٿا، هن چيو ته خان صاحب توهان ۽ توهان جا وزيرن کي جڏهن ڪرپشن جا الزام لڳن ٿا ته روئڻ شروع ڪن ٿا ۽ توهان مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندي الزام لڳائي رهيا آهيو ان تي توهان کي شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته هاڻ روئڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ڪم ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هن چيو ته خان صاحب توهان جي ناڪامي جي پويان توهان جي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت، منفي سياست ۽ حسد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *