
سکر (اين اين آءِ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته خان صاحب ته وڏو فقير ٿي ويو آهي جنهن جي دعا سان مودي ڪامياب ٿي ويو، اميد آهي ته هاڻ عمران خان مودي سان ڳالهين ذريعي ڪشمير مسئلو حل ڪرائيندو، صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته جنگي حالتن ۾ وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر جي سوڀ لاءِ دعا ڪئي ۽ هو اليڪشن کٽي ويو، هن اميد ظاهر ڪئي ته هاڻ عمران خان مودي سان ڳالهين ذريعي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرائيندو.