”خانيءَ“ سان محبت به آهي ته نفرت به آهي: فيروز خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪار فيروز خان اداڪارا ثنا جاويد بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.تازو ئي فيروز خان هڪ انٽرويو ۾ دلچسپ ڳالهيون ڪيون.ميزبان خراب رويي سبب تڪرارن جو شڪار بڻجندڙ اداڪارا ثنا جاويد بابت فيروز کان پڇيو ته ڇا ثنا جاويد سان توهان جو پيار ۽ نفرت جو تعلق آهي؟فيروز خان چيو ته ظاهر آهي مان ثنا جاويد سان گهڻو وقت ڪم ڪيو آهي، ڪيترائي ڏينهن، ڪيترائي مهينا، منهنجو ساڻس اهڙو ئي تعلق آهي.شو دوران ميزبان اداڪار کان سوال ڪيو ته ڇا سندس خيال ۾ پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ڪا اهڙي جوڙي، جنهن جي شادي کي 5 سال ٿي ويا آهن ۽ اها جوڙي اڃا تائين گڏ تمام گهڻي خوش آهي؟جواب ۾ هن چيو ته اهڙا ڪيترائي جوڙا آهن، اهي ذهن ۾ به اچي رهيا آهن پر مان انهن جو نالو نه وٺندس نه ته کين نظر لڳي ويندي، نظر لڳڻ حقيقي شئي آهي، ان لاءِ مان ڪنهن جو ذڪر نه ڪندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *