خالد محمود سومرو جي شهادت: سنڌ ۾ سوڳ برقرار، شٽر ڊائون

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي حقن لاءِ هر دور ۾ سگهارو آواز اٿاريندڙ ڌرتيءَ جي دلير پٽ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت تي سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به سوڳ برقرار رهيو، ،واقعي خلاف جــَي يــُو آءِ جــَي سڏ تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به هڙتال بعد احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ، حيدرآباد ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو،جڏهن ته مختلف علائقن ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. لاڙڪاڻي شهر جا سمورا ننڍا، وڏا ڪاروباري مرڪز اڄ ٻئي ڏينهن به بند رهيا،جي يو آءِ ڪارڪنن روڊن تي نڪري مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا. سکر شهر مڪمل طور بند رهيو،جنهنبعد ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. روهڙي ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران عبدالقيوم، محمد صالح ۽ غلام الله جي اڳواڻي ۾ روهڙي نيشنل هاءِوي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. وڳڻ ۾ هڙتال بعد جي يو آءِ جي ڪارڪنن قاري محمد عثمان مغيري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ٿرڙي هاشم وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، جنهن بعد مڇريل ڪارڪنن ٻيهر وڳڻ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو. سيتاروڊ ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن توڙي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ جسقم پاران غلام رسول کونهاري، مشهور ميمڻ، راشد ميمڻ، اختيار لغاري ۽ محبوب سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي ، جي يو آءِ ڪارڪنن مولانا مسعود پنهور، مختيار پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. سرهاڙي ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن عبدالرحيم لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. رتيديري شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رھيا، جي يو آءِ ڪارڪنن مولانا عبدالغفار جوئي،محمد مراد معرفاڻي ۽ مولانا طارق سومري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري باءِ پاس تي ٽائرن کي باھه ڏئي ڌرڻو هنيو. نئين ديري ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي،جنهن بعد مولانا عبدالقدوس پنهور، مولانا محمد طارق پنهور، مولانا محمد ايوب چني،ڪامريڊ حسين بخش ناريجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي سکر – لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو. سجاول ۾ مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال ڪئي وئي،جڏهن ته جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. بدين،ڪڍڻ، کوسڪي، سيراڻي ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته جي يو آءِ ڪارڪنن عبدالغني گوپانگ ۽ جمن خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ قطر مسجد کان ريلي ڪڍي قاضيا واهه پل تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو. شاهپور چاڪر ۾ شٽربند هڙتال بعد جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،جڏهن ته لکي غلام شاهه ۾ مڪمل طور ڪاروبار بند ڪيو ويو ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. قمبر ۽ اوٻاوڙي ۾ هڙتال ڪئي وئي،جڏهن ته جي يو آءِ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا. محرابپور ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. خيرپور ۾ جميعت علماءِ اسلام جو شهيد ٿي ويل اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت واري واقعي خلاف ٺيڙهي ۽ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي، مولانا مير محمد ميرڪ ، جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد خان مهيسر ، مفتي اصغر علي آرائين ، مولانا سعد الله سومري جي اڳواڻي ۾ جي يو آءِ ۽ جسقم جي هزارين ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. فيض گنج، پڪاچانگ، اڪري چودڳي، ڪرونڊي، واهي پانڌي ۾ به ڪاروبار نه کلي سگهيو، جڏهن ته ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا . جوهي ۾ جي يو آءِ ۽ جي ٽي آءِ پاران مولوي دوست محمد جمالي، مولوي حڪيم ٻٻر،قاري عبدالعزيز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري دادو روڊ تي ڌرڻوهنيو. ميرپورماٿيلي ۾‎ هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته جي يو آءِ جي ڪارڪنن امير اسحاق لغاري جي اڳواڻي ۾ ‎ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. ريليءَ تي قومي شاهراهه وٽ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو. سڪرنڊ جي يو آئي ف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت واري واقعي خلاف جي يو آئي ف پاران حافظ عبدالرشيد پرهياڙ ، مولوي عبدالقيوم چنا ۽ مولانا حذب الله کوسو جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه انڙ پيٽرول پمپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهين پاسن کان سوين گاڏيون بيهي ويون مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. سڪرنڊ ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران عبدالقيوم چنا، مولانا حزب الله کوسي، عبدالرشيد پرهياڙ، جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه، نئين آباد ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ به هڙتال سبب سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي،جڏهن ته ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا. ميرپور بٺوري ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مولوي طفيل احمد، ڊاڪٽر قادر نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ علي بندر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن ۽ عام شهرين به شرڪت ڪئي. فريد آباد ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن جوهر بروهي، علي حسن چانڊيي، حبيب بروهي، عبدالرسول سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ميهڙ فريد آباد مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪنڌڪوٽ،وارهه،پيرومل، راڌڻ ۽ ٻين شهرن ۾به ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو. گهوٽڪي،مديجي ۽ ٻين شهرن ۾ به شٽربند هڙتال بعد جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.. هڱورجا ۾ هڙتال سبب ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جنهن بعد جي يو آءِ ۽ جسقم جي ڪارڪنن مولانا راشد رباني، حافظ راشد، ظهور دائي،منعان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. باڊهه ۾ جي يو آءِ، جسقم، ايس ٽي پي، جسمم ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن مولوي نصير احمد ڀُٽي،ڪامريڊ قادر بروهي،امتياز ڪانڌڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه شريف کان احتجاجي ريلي ڪڍي حيدر چوڪ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. ڳڙهي خيري ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته جي يو آءِ جي سوين ڪارڪنن مدني مسجد کان مولانا خالق داد بروهي،ثناءُ الله ۽ عبدالباسط بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ – بلوچستان دنگ تي ڌرڻو هنيو. مٽياري ۾ مڪمل طور هڙتال ڪئي وئي ، جي يو آءِ ، جسقم، سياسي، سماجي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن پاران رشيد ڏيٿي، عيدو ڪلهوڙي، امير علي کوسي، طارق ميمڻ، سارنگ منگواڻي جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. موري ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو، جڏهن ته جي يو آءِ ڪارڪنن پاران قاري عبيدالله، عبدالوحيد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ جسقم ، قومي عوامي تحريڪ،جست ، جسمم ۽ ٻين ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. سيٺارجا، رپڙي،ٺري ميرواهه ۽ عرضي ڀٽي ۾ به ڪارڪنن احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا،  ڪي اين شاه ۾ جنرل سيڪريٽري ۽ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف ڪي اين شاه ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پورو شهر بند ڪرايو ويو. جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻو سينيٽر علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف ڪي اين شاه ۾  جي يو آءِ تعلقي ۽ سٽي جي اڳواڻن حافظ حاجن لغاري، اسحاق کوهارو، انور کوهارو،ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري سميت سوين ڪارڪنن  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري پورو شهر بند ڪرايوويو ۽ بعد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻ اسحاق کوهارو چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي جتي ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري چيوته جي يو آ ءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري   ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي  واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حاجن لغاري چيوته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت کي علماءِ ديوبند جي خلاف سازش آهي ڊاڪٽر خالد محمود سومري تي فجر جي نماز دوران قاتلانه حملو ڪيو ويو جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا به شي ناهي هتي ڪنهن جي به جان و مال محفوظ ناهي هنن صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ان موقعي تي انورکوهارو چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي هنن شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي لاءِ دعاڪئي ته رب العزت کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ ڪارڪنن کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *