خالد لطيف ٽربيونل ۾ حتمي دليل ڏيڻ تي راضي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ٽربيونل جي ڪارروائي جي بائيڪاٽ کانپوءِ هاڻ حتمي دليل ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. پاڪستان سپر ليگ جي فڪسنگ اسڪينڊل ۾ معطل ڪرڪيٽر اوپننگ بيٽسمين خالد لطيف طرفان روز روز يو ٽرن وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. ٽربيونل جي ڪارروائي جي بائيڪاٽ کانپوءِ هاڻ هو حتمي دليل ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سندس وڪيل بدر عالم جواب تيار ڪري ورتو آهي. خالد لطيف حتمي دليل جمع ڪرائڻ لاءِ ٽربيونل کان 2 ڀيرا مهلت طلب ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٽربيونل ڪرڪيٽر کي 22 آگسٽ تائين دليل گڏ ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *